فردوس عاشق اعواڻ خلاف ڪيس لاءِ داخل درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت پ پ ايم اين اي قادرمندوخيل جي  پنجاب جي صوبائي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ خلاف ڪيس لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي،  عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جنهن هنڌ واقعو ٿيو آهي  اتي جي عدالت کي درخواست ڏني وڃيقادر مندوخيل پنهنجي  موقف ۾ چيو آهي ته خانگي  ٽي وي جي پروگرام ۾ فردوس عاشق اعواڻ کيس چماٽ هنئي ۽ ڪريل زبان استعمال ڪئي.

تاجڪستان ۾ 5.9 شدت جو زلزلو، 5 ڄڻا فوت، ڪيتريون عمارتون تباهه

دوشنبه(م ڊ) اوڀر تاجڪستان ۾ 5.9 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري تاجڪ سڌ سماءَ ۽ هنگامي صورتحال جي تاجڪ ڪميٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته مقامي وقت مطابق ڇنڇر جي صبح 7 لڳي 14 منٽ تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ڪيترين عمارين جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪيترائي گهر ڊهي پيا جنهن جي ملبي هيٺ اچي 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، ضلعي تاجڪ آباد ۾ بجلي جو نظام درهم برهم ٽن ڳوٺن جي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.9 رڪارڊ ڪئي  وئي.

ڀارت ايراني صدر جي دعوت قبولي ورتي

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت نئين چونڊيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت قبولي ورتي.اطلاعن موجب تمام جلد اهو فيصلو ڪيو ويندو ته ان تقريب ۾ ڪهڙو ڀارتي اڳواڻ شرڪت ڪندو.نئين صدر جي حلف برداري تقريب 5 آگسٽ تي ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ تهران حڪومت ان ۾ شرڪت لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي.

صدر پاران  سڀاڻي سينيٽ جو اجلاس طلب

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 12 جولاءِ تي سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيٽ جو اجلاس سومر ڏينهن 12 جولاءِ 2021ع تي طلب ڪيو آهي. سينيٽ جو اجلاس ٽپهر ساڍي 4 وڳي پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.