ميڊيا هائوسز تي حملي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ميڊيا هائوسز تي حملي ۽ چڙڏياريندڙ  تقرير واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار ،رئوف صديقي سميت ٻيا پيش ٿيا .جج جي موڪل جي ڪري ٻڌڻي لنڪ جج وٽ ٿي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي 7آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

ڪراچي ۾ جعلي آرمي اهلڪار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ شاھ فيصل ٿاڻي جي پوليس ۾ علائقي ۾ پاڻ کي جعلي آرمي جو اھلڪار سڏائيندڙ پوليس ھٿان گرفتار پوليس جوابدار آرمي جي ڪيپ پائي علائقي واسين کي بيوقوف بڻائي انهن کي ڌمڪائيندو ۽ ڊيڄاريندو هو علائقي ۾ خوف جي علامت بڻيل هو ايس ايس پي ڪورنگي شاهجهان خان موجب  سندس جو ڪنهن به فورسز اداري سان تعلق نه آهي جوابدار کي گرفتار ڪري جڏهن ٿاڻي تي آندو ويو ته هن پوليس سان به بدتميزي ڪئي جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.