ڦلجي اسٽيشن ويجهو چوپائي مال جي ڦر تان جهيڙو، 2 ڄڻا قتل ، 4 زخمي

ڦلجي اسٽيشن/دادو ( نمائندا ) ڦلجي اسٽيشن ويجهو چوپائي مال جي ڦر جي معاملي تان جهيڙي جي نتيجي 2 ڄڻا مارجي ويا، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي، ڳوٺ موندر ۾ شهاڻي برادري ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا منٺار علي ۽ طالب شاهاڻي قتل ٿي ويا،4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.بعد ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس پهچي علائقي کي گهيري ۾آڻي ڇڏيو، مقتولن جا لاش پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس وارو ماحول ڇانيل آهي،  ٻڌايو وڃي ٿو ته شهاڻي برادري سان تعلق رکندڙ ڌنار مال چاري رهيا هئا ته جتوئي برادري جا ھٿياربند زبردستي  مينهون ڪاهي فرار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ سبب 2 جڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته 4 جڻا زخمي ٻڌايا وڃن ٿا، آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتار عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.