ڏوڪري ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ شاگرد فوت، قتل جو الزام

لاڙڪاڻو/ڏوڪري(نمائندا) موهن جو دڙو ڀرسان ڏوڪري روڊ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نائين ڪلاس جو شاگرد سخت زخمي، شاگرد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، وارثن مخالفن مٿان شاگرد کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه موهن جو دڙو ڀرسان ڏوڪري روڊ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 14 سالا نائين ڪلاس جو شاگرد جعفر پٽ ڀلي ڏنو ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو اطلاع تي آسپاس جي ماڻهن پهچي نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران نينگر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي نينگر جي مامي منور ڪلهوڙو صحافين آڏو دانهيو ته اسان جو پنهنجي ئي ذات جي بااثرن سان ڏيڍ سالن کان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جن اسان جي 40 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪري ان کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي. هن الزام لڳايو ته اڄ ڀاڻيجو جعفر ڪلهوڙو ڏوڪري شهر ۾ نائين ڪلاس جي امتحانن جي سلسلي ۾ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته ڀيڍن جي پل وٽ اسان جي مخالفن علي نواز، شيرل ڪلهوڙو، مجيب ڪلهوڙو، سلطان ڪلهوڙو ۽ سندس موٽرسائيڪل کي ڄاڻي واڻي ڪار جو ٽڪر هڻڻ بعد کيس ڄنڳهن ۾ ڪهاڙيون هڻي کيس مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا بعد ۾ جعفر کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو آهي جنهن جي قتل جا ذميوار اسان جا مخالف آهن جن بيگناهه بيدرديءَ سان جعفر کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.