تلهار ۾ گم ٿيل نينگرين جي وڪري جو انڪشاف

تلھار (رپورٽ: عاجز انور لاشاري)تلھار ۾ معصوم نياڻين جي گمشدگي بعد وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف،تلھار جي صحافي غلام نبي شاھ جي 16سالا نياڻي مريم شاھ ۽ 14 سالا مڊم راوڙي جو ٻن مھينن کان ڪو به پتو نه پيو،وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف،،متاثر والدين جي فرياد تي ملوث ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ بعد تلھار پوليس مختلف جاين تي ڇاپا ھڻي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري جانچ شروع ڪري ورتي،تفصيل موجب تلھار ۾ گذريل رمضان المبارڪ جي مھيني ۾ ٻن نياڻين جي گمشدگي سبب متاثرين جي گھر ۾ ڪھرام متل وارثن جي فرياد تي اغوا جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو،ساڳي مھيني ۾ وسي عادل ڀرسان 14 سالا مڊم راوڙي پڻ دوا وٺڻ جي ڪم سانگي شھر طرف نڪتي ھئي جيڪا به واپس گھر نه پھتي،مڊم جي والده جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرايو ويو جنھن ۾ نامزد حسين چانڊيو ۽ ٻين کي لکرايو ويو جڏھن ته مريم شاه جي والد غلام نبي شاھ جي فرياد تي ست ماڻھن،ڀٽو شاه،حسين چانڊيو،علي نواز کوسو،نورمين شيدڻ ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو مريم شاھ جي والد صحافي غلام نبي شاھ جو چوڻ ھو ته منھجي نياڻي جا ڪپڙا ھڪ گھر مان ھٿ آيا جڏھن ته ھڪ شاھ جي گھر ۾ ھڪ رات رھڻ جي به گواھي ملي،جتان ڪپڙا مليا انھن ڪپڙا ڏئي آسرن ۾ ويھاري ڇڏيو ھو ڪجھه ڏينھن بعد ھڪ عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي علاج ڪرائڻ مريم شاھ وئي اھو به ٻڌايو پيو وڃي جڏھن ته مختلف ماڻھن کان ٽيليفون ذريعي اطلاع ملندا رھيا ته منھنجي نياڻي کي بااثر ماڻھن ڪجھه لکين روپين جي عيوض حيدرآباد/ڪراچي ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو،مختلف طريقن سان بااثر ماڻھو گمراه پڻ ڪري رستي تان ڀٽڪائي رھيا آھن مونکي شڪ آھي ته منھجي نياڻي کي قتل ڪري دفنايو ويو آھي تڏھن ئي ٻن مھينن کان منھجي نياڻي کي ظاھر نه پيو ڪيو وڃي،ٻن مھينن کان ايس ايس پي بدين آفيس جا چڪر پڻ ڪاٽڻ تي مجبور آھيان ايس ايس پي آفيس ۾ درخواستون ڏئي واپس آيس پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو،تلھار ٿاڻي پھچي واقعي جو فرياد لکرائڻ جي باوجود منھجي نياڻي مريم شاھ جو ڪو به ڏس پتو ناھي مليو ھوڏانھن تلھار پوليس پاران ملوث جوابدارن جي گرفتاري خلاف مختلف جاين ۽ رھائش گاھن تي ڇاپا ھڻي ھڪ ڄڻو ايف آئي آر ۾ نامزد صدام گوپانگ کي به گرفتار ڪري ورتو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.