افغان پناهگيرن جي باقي صوبن ۾ رستاروڪ ڪيل آهي: نياز ڪالاڻي

ڪراچي(نمائندا)  جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ٻين گرفتار قومپرست اڳواڻن جي آزاديءَ لاءِ جسقم اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سجاول جوڻيجو ڀرسان عرضي ڀٽو جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ شريڪ ڪارڪنن ھٿن ۾ جهنڊا پلي ڪارڊ کڻي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن سمورن ڪارڪنن ۽ شھرين کي اڄ آچر ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ رٿيل احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو تـ سنڌ جا حڪمران پئسا ميڙڻ ۾ رڌل آهن افغاني پناھگيرن جي پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان رستا روڪ ڪئي آهي پر سنڌ حڪومت انهن کي سنڌ ۾ آڻڻ گهري ٿي هن چيو تـ سموري سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي فصل متاثر ٿيڻ سان گڏ ماڻھو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ بـ پريشان آهن پر حڪمران پاڻي پھچائڻ ۾ بـ ناڪام ٿي ويا آهن ، هوڏانهن جسقم جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ ۽ ٻين پاران باقراڻي ۾ پهچي سڀاڻي لاڙڪاڻي ۾ رٿيل پرامن ڌرڻي کي ڪامياب ڪرائن لاءِ ڪارڪونن ۽ شهرين سان ملاقاتون ڪيون باقراڻي ۾ درگاهه بيخود فقير جي آستاني تي پهچي درگاهه جي گاڏي نشين اياز حسين کيڙو عرف صنم فقير جي فوت ٿي ويل چاچي ۽ جسقم ڪارڪون ناصر علي کيڙو، آفتاب کيڙو جو فوت ٿي ويل پيءُ نجم الدین کيڙو جي لاڏاڻي تي سندن سان فاتح خواني بعد تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو هوڏانهن  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جسقم ھائوس ميروخان تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته 6 جون تي بحريا ٽائون اڳيان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي لکين پرامن ماڻھن جي عوامي سمنڊ کي پيپلز پارٽي جي سرڪار سازش تحت ھڪ ڳجھي منصوبي تحت پرتشدد ۾ تبديل ڪري ان بيٺل 250 کان وڌيڪ اسان جي پرامن قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سندن جي مٿان دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.