پنجاب ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا واقعا وڌڻ جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ غيرت جي نالي تي قتلن جا واقعا وڌڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پنجاب پوليس گذريل سال صوبي ۾ غيرت جي نالي تي ٿيل قتلن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن موجب سال 2020 ۾ 237 ماڻهن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو.

انگن اکرن موجب 2020 ۾ غيرت جي نالي تي ٿيل قتل جي واقعن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ واڌ ٿي، 2019 ۾ 197 ماڻهن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو.

پنجاب پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته غيرت جي نالي تي سڀ وڌيڪ قتل گوجرانوالا ۾ ٿيا، جتي 46 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته فيصل آباد ريجن ۾ 41، سرگوڌا ۾ 30، ملتان ۾ 29 ۽ لاهور ۾ 21 ماڻهن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو، اهڙي ريت بهاولپور ۾ 25، ڊيرا غازي خان ۾ 20، ساهيوال ۾ 13 ۽ راولپنڊي ۾ 9 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.

مقتولن ۾ مردن ۽ عورتن جو انگ برابر آهي، جڏهن ته رپورٽ ۾ موبائل فون جي غير ذميواراڻي استعمال کي واقعن جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.