سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 51 هزار کان به وڌي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ وڌي 51 هزار 852 تائين پهچي ويو، 16 کان 30 جون تائين 15 ڏينهن ۾ 424 ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي.

هڪ رپورٽ موجب ٻڌڻي هيٺ ڪيسن ۾ 29 هزار 706 فوجداري، هڪ ريفرنس ۽ 25 پاڻمرادو نوٽيس به شامل آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 16 کان 30 جون تائين ڪوئيٽا رجسٽري ۾ ڪا به ٻڌڻي ناهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.