مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طور ڪڏهن به قبول ناهي: عمران اسماعيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته مرتضيٰ وهاب ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طور منظور ناهي، طئي ٿيو هو ته ايڊمنسٽريٽر ٻنهي حڪومتن جي مشاورت سان مقرر ٿيندو.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران اسماعيل چيو ته مرتضيٰ وهاب جي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اجلاس ۾ اهو طئي ٿيو هو ته اهڙي شخص کي ايڊمنسٽريٽر بڻايو ويندو، جيڪو غير سياسي ۽ انتظامي تجربو رکندڙ هوندو.

هن چيو ته گرين لائن منصوبي ۾ ڪا به دير نه ٿيندي، منصوبي تي اسپين جي ڪمپني سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڪراچي جا شهري افواهن تي ڌيان نه ڏين، گرين لائين منصوبو جلد مڪمل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.