ڪورونا وبا ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ ڪيتري خطرناڪ آهي؟ وڏي تحقيق سامهون اچي وئي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سارس ڪوو2 مطلب ڪووڊ 19 جي ڪري ٺهندڙ وائرس سان ٻارن ۽ نوجوانن ۾ گهڻو بيمار ٿيڻ ۽ مرڻ جا خطرا نه هجڻ برابر هوندا آهن.

اها ڳالهه هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي ۽ گڏيل تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

برطانيا جي ليورپول يونيورسٽي ۽ لنڊن ڪاليج يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ عوامي طبي ڊيٽا جو منظم انداز ۾ تجزيو ڪري نتيجو ڪڍيو ويو آهي پر اهڙن ٻارن ۽ نوجوانن ۾ ڪووڊ جي سنگين شدت جو خطرو گهڻو هوندو آهي، جيڪي پهريون ئي ڪنهن بيماري ۾ مبتلا هجن، ان باوجود مجموعي طور تي اهو خطرو تمام گهٽ هوندو آهي.

تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڪووڊ وبا جي هڪ سال دوران (فيبروري 2021 جي آخر تائين) برطانيا ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر وارا 251 ماڻهو ان بيماري سبب موت جو کاڄ بڻيا.

ماهرن اهو پتڳ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان عمر جي گروپن ۾ خطرا وڌائڻ وارا عنصر ڪهڙا ٿين ٿا ۽ دريافت ڪيو آهي ته انهب عمر جي گروپن ۾ 50 هزارن مان رڳو هڪ ۾ ڪووڊ سبب آءِ سي يو ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.

ڪووڊ سان ٻارن ۾ ورم جي هڪ سينڊروم پي آءِ ايم ايس ٽي ايس جو الڳ طور جائزو وٺندي ماهرن ڏٺو آهي ته 309 ٻارن کي ان عارضي جي ڪري آءِ سي يو ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ اهو خطرو هر 38 هزار 911 مان هڪ ۾ ٿئي ٿو.

ماهرن ٻڌايو ته نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻارن ۽ نوجوانن ۾ ڪووڊ جي سنگين شدت ۽ موت جو خطرو تمام گهٽ هوندو آهي.

هنن چيو ته انهن عمرن واري گروپن ۾ اهي ماڻهو وڌيڪ خطري جي زمري ۾ اچن ٿا، جيڪي موسمي وائرس سميت ڪنهن ٻي موذي بيماري ۾ مبتلا هجن ٿا، مختلف بيمارين ۾ مبتلا، معذور ٻارن ۽ نوجوانن ۾ اهو مرض خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

ماهرن موجب نتيجا تمام اهم آهن ۽ ان سان ٻارن ۽ نوجوانن ۾ ويڪسينيشن جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ ۾ نه رڳو برطانيا پر بين الاقوامي سطح تائين رهنمائي ملندي.

ماهرن وڌيڪ چيو ته ڪووڊ جي سنگين شدت وڌائڻ وارا عنصر ٻارن ۽ بالغن ۾ هڪجهڙا ئي نظر اچن ٿا، تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته ٻارن ۽ نوجوانن جي آءِ سي يو ۾ داخل ٿيڻ جا خطرا انهن ۾ وڌيڪ هوندا آهن، جيڪي ذيابطيس، سَهڪي ۽ رت جي رڳن جي مرضن ۾ مبتلا هوندا آهن.

سندن چوڻ هو ته اسان اهو دريافت ڪيو آهي ته ڪووڊ سان منهن ڏيندڙ رڳو 40 سيڪڙو ٻار ۽ نوجوان اصل ۾ ان بيماري جي ڪري موت جو کاڄ بڻيا، گهڻي قدر موت ٻين سببن جي ڪري ٿيا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته انهن ۾ بيماريءَ جو خطرو گهٽ ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.