واٽس ايپ واهپيدارن کي وڏي سهولت ڏيڻ وارو…!

 

واٽس ايپ ۾ تمام جلد واهپيدار تصويرن ۽ ويڊيوز جي معيار تي وڌيڪ ضابطو حاصل ڪري سگهندا.

واٽس ايپ جي اپڊيٽس تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ WABetalInfo موجب فيس بُڪ جي ملڪيت ايپ ۾ هن وقت ٻن فيچرز جي آزمائش اينڊرائيڊ ورجن ۾ جاري آهي.

ٻنهي فيچرز سان واهپيدارن کي تصويرون ۽ ويڊيوز موڪليندي هاءِ ڪوالٽي فائل موڪلڻ جي لاءِ ٽي آپشن ملي سگهندا.

آٽو، بيسٽ ڪوالٽي ۽ ڊيٽا سيور نالي اهي آپشن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندا ۽ اهي انهن موجب پنهنجي فائلن کي موڪلي سگهندا.

جيڪڏهن اهو فيچر ان ئي صورت ۾ سمورن واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويو ته انٽرنيٽ اسپيڊ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ فائل کي وڌيڪ گهٽائڻ تي مجبور ڪندو يا سٺي انٽرنيٽ رفتار تي هاءِ ڪوالٽي تصويرون ۽ ويڊيوز موڪلڻ جي سهولت فراهم ڪندو.

هن وقت هاءِ ڪوالٽي فوٽو يا ويڊيو موڪلڻ لاءِ اميج يا ويڊيو جي بدران ڊاڪيومينٽ ذريعي موڪلڻو پوندو آهي.

ڪمپني طرفان ان فيچر جي نالي ناهي ٻڌايو ويو ته اهو ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو، في الحال اهو فيچر رڳو اينڊرائيڊ بيٽا ايپ ۾ آهي ۽ آءِ او ايس ۾ ناهي.

اميج ۽ ويڊيو ڪوالٽي سيٽنگز هاڻي واٽس ايپ جي ان فيچر جو حصو هونديون، جيڪي هيل تائين بيٽا ورجن ۾ ئي موجود آهن.

ان ۾ سڀ کان وڌيڪ انتظار ملٽي ڊوائس سپورٽ فيچر جو آهي، جنهن سان واهپيدار واٽس ايپ کي هڪ ئي وقت چئن ڊوائيسز ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا.

اهڙي فيچر جي آزمائش گهڻي وقت کان جاري آهي ۽ تازو ئي فيس بُڪ جي باني مارڪ زڪربرگ اها تصديق ڪئي هئي ته ان فيچر کي جلد متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.