زمين جي تڪرار تان فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، 16 زخمي

 

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات جي علائقي ڪالام ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب ڪالام ۽ اتروڙ جي سر حدي علائقي ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو ۽ هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي وئي.

پوليس ٻڌايو ته فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.

پوليس موجب ڇڪتاڻ کي ڏسندي ڪالام بازار کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.