ذي الحج جو چنڊ نظر نه آيو، عيد 21 جولاءِ تي ٿيندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ذي الحج جو چنڊ نظر نه آيو ۽ عيد الاضحيٰ 21 جولاءِ اربع ڏينهن ملهائي ويندي.

ذي الحج مهيني جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ موسميات کاتي جي اختيارين به شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ ذي الحج مهيني جو چنڊ نظر ناهي آيو ۽ پهرين ذي الحج سومر ڏينهن ٿيندي، جڏهن ته عيد الاضحيٰ اربع 21 جولاءِ تي ملهائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.