اوٻاوڙي‏، قمبر ۽ ڳڙهي خيري جون خبرون

اوٻاوڙو: ڳوٺ ٻورڙي جو نوجوان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

اوٻاوڙو  ڀرسان ڳوٺ ٻوڙي جو رھواسي نوجوان 11 ڪلاس جو شاگرد شفقت الله پٽ حافظ فوج علي پنهنجي ڳوٺ کان  اوٻاوڙو شھر سامان وٺڻ لاء وڃي رهيو  ھو جتان ھو مبينا طور گم ٿي  ويو ، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪندي اوٻاوڙو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي ،  نوجوان جي پيءُ  فوج علي سولنگي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناھي،  اسان کي شڪ آھي ته اسان جي نوجوان کي ڪنهن اغوا ڪيو آھي ،متاثرن پاران ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي وئي ته انهن جي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي .

قمبر: پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ علي گوهر چانڊيو جي 13 هين ورسي

قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان شهيد علي گوهر چانڊيو جي تيرهين ورسي ملهائي وئي ، ان موقعي تي  قرآن خواني ڪرائڻ بعد شهيد جي مزار اڳيان تعزيعتي جلسو ڪري دعا گهري وئي، جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن رحيم بخش کوسو،فقير يوسف پتوجو، منير احمد بروهي، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  شهيد علي گوهر چانڊيو شاگرد جدوجهد جو جرنيل اڳواڻ هو جنهن کي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سپاهي هجڻ جي ڏوهه ۾پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو،.

ڳڙهي خيرو: بيگاري ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

بيگاري ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڳڙھي خيرو ۾ آبادگارن پاران مير گل حسن خان جمالي، ڊاڪٽر ديدار حسين جمالي، محمد فاروق ۽ ٻين آبادگارن جي اڳواڻي ۾ پاڻي نه ملڻ خلاف سنڌ بلوچستان جي دنگ بيگاري پل تي ڇھن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو، جنهن ڪري سنڌ بلوچستان کان ايندڙ سوين گاڏين جو قطارون بيهجي ويون،  آبادگارن مطالبو ڪيو ته بيگاري ڪينال جي پڇڙي کي پاڻي ڏنو وڃي ۽ ٻيجارو سڙڻ کان بچايو وڃي ، هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين پاڻي نه ملندو تيستائين سندن ڌرڻو جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.