ٻي ون ڊي: انگلينڊ جو پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 248 رنسن جو هدف

لارڊز (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 248 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.

لارڊز ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ جي ٽيم 45.2 اوورن ۾ 247 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ميزبان ٽيم طرفان فل سالٽ 60، جيمز ونس 56، ليوس گريگوري 40، بريڊن ڪارس 31 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.

پاڪستان طرفان حسن علي بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 وڪيٽون ورتيون.

واضح رهي ته برسات سبب ميچ 47 اوورن تائين محدود ڪئي وئي آهي.

انگلينڊ کي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.