لاڙڪاڻي ۾ روڊ حادثي ۾ نينگر فوت، وارثن جو مخالفن تي قتل جو الزام

 

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) موهن جي دڙي ڀرسان ڏوڪري روڊ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نائين ڪلاس جو شاگرد فوت ٿي ويو.

حادثي ۾ 14 ورهين جو جعفر پٽ ڀلي ڏنو ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال نيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

هوڏانهن نينگر جي وارثن الزام هڻندي چيو آهي ته زمين جي معاملي تان برادري جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ آهي، نينگر امتحانن جي سلسلي ۾ موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو مخالف علي نواز، شيرل ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪار جو ٽڪر هڻڻ بعد کيس ڄنگهن ۾ ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.