جهلم ۾ عورت چئن ٻارڙين کي جنم ڏنو

 

جهلم (ويب ڊيسڪ) جهلم جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ عورت چئن نياڻين کي جنم  ڏئي ڇڏيو.

ڊاڪٽرن موجب ٻارڙين جي پيدائش نارمل طريقي سان ٿي، ٻارڙيون ۽ سندن امڙ صحتمند آهن.

عورت جي مڙس جو چوڻ هو ته پهريون ٻن پٽن جو اولاد آهي، 8 سالن کانپوءِ الله تعاليٰ مهرباني ڪئي آهي، جنهن نياڻين جي رحمت سان نوازيو آهي.

هن چيو ته الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيان ٿو ته چارئي ٻارڙيون صحتمند آهن، چئن ٻارڙين جي پيدا ٿيڻ تي اسان ۾ خوشي جي لهر ڇانئيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.