پنجاب ۾ ڊينگي وائرس بابت خطري جي گهنٽي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد خدشو ظاهر ڪيو آهي ته صوبي ۾ ڊينگي ڪيسن ۾ واڌ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

لاهور ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته شهري پنهنجي گهرن ۽ ڀرپاسي ۾ صفائي جو خيال رکن، واسطيدار کاتي کي به ڊينگي جي خاتمي لاءِ ممڪن ڪوششون ڪرڻ گهرجن.

هن چيو ته پي ايڇ اي گرين بيلٽس ۽ پارڪن ۾ صفائي کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن ڊينگي وائرس کي ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي.

ان موقعي تي چيف سيڪريٽري پنجاب لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ڊينگي جي خاتمي لاءِ ٽيمون جوڙڻ جون به هدايتون ڏنيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.