حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي.

ڪنگري هائوس جي ترجمان ڪليم الله وساڻ موجب پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه، پير سيد صدرالدين شاهه ۽ پير سيد علي گوهر شاهه راشدي جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته پير پاڳاري حر جماعت، ويجهن مائٽن، عقيدتمندن ۽ دوستن کي درخواست ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر سبب پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ رهي مغفرت جي دعا ڪن.

واضح رهي ته پير پاڳاري جي ماءُ سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل هئي، جتي علاج دوران لاڏاڻو ڪري وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.