”افغان پناهگيرن بابت خدشا آهن، سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو“

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪستان سچائي سان امن عمل اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هاڻ افغان عوام کي طئي ڪرڻو آهي ته اهي ڪهڙي حڪومت چاهين ٿا.

افغانستان جي صورتحال تي خانگي ٽي وي چئنل جي خاص ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغان امن عمل لاءِ ڪيترائي پهلو آهن، پاڪستان سچائي سان امن عمل اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندو رهيو، افغانستان کي اڳتي وڌائڻ بابت هاڻ فيصلو اتان جي عوام کي ڪرڻو آهي.

هن چيو ته آمريڪا افغان فوج جي تربيت تي وڏو خرچ ڪيو آهي، افغان فوج ڪٿي مزاحمت ڪئي يا ڪندي اهو ڏسڻو پوندو پر هن وقت افغان فوج جي اڳڀرائي خاص ناهي، هيل تائين جي خبرن موجب طالبان جي پروگريس وڌيڪ آهي.

سندس چوڻ هو آمريڪا ته افغانستان مان نڪري ويو آهي، هاڻ خطي جي اسٽيڪ هولڊرن کي، افغانستان جي ڌرين کي ئي ويهي مسئلو جو حل ڪڍڻو آهي، ان مسئلي جو الزام سدائين پاڪستان تي ئي هنيو ويو، پاڪستان سنجيدگي سان افغان امن عمل اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ بندوق 20 سالن ۾ فيصلو نه ڪري سگهي، اتي سمورا ڌڙا به جنگ کان تنگ اچي چڪا آهن، گهڻي عرصي کان چئي رهيا آهيون ته افغان حڪومت جو فيصلو اتان جي عوام کي ڪرڻو آهي ۽ عوام کي ئي طئي ڪرڻو پوندو ته اهي ڪهڙي حڪومت چاهين ٿا.

ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته پناهگيرن جي حوالي سان سمورا خدشا موجود آهن، افغان سرحد تي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حصي تي ڪنڊي دار تار لڳي چڪي آهي ۽ بارڊر بابت هڪ حڪمت عملي طئي ٿي چڪي آهي، سڀ ڄاڻين ٿا ته داعش ۽ ٽي ٽي پي افغانستان ۾ موجود آهن، افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جي اثرن بابت اڳواٽ تياري ڪئي آهي ۽ افغان سرحد تان حملن بابت معاملا افغان حڪومت سان اٿاريا آهن.

هن چيو ته افغانستان ۾ حالتون خراب ٿيڻ تي سرحد کان پناهگيرن جي اچڻ جو امڪان آهي، انهن جي امڪاني آمد جي حوالي سان ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان پنهنجي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، جيڪي انتظاميا ڪياسين، اهي ٻئي پاسي کان به ٿيڻ گهرجن ها پر نه ٿيا.

سندس چوڻ هو ته ڀارت دنيا کي تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته افغانستان مسئلي جو سبب پاڪستان آهي، اسان چاهيون ٿا ته مسئلو بنا تشدد جي حل ٿئي، افغانستان ۾ اسان جو ڪو پسنديده ناهي، ڀارت کي افغانستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ٻڏندي نظر اچي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.