شهباز شريف کي هراسان ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: ايف آءِ اي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي لاهور ن ليگ صدر شهباز شريف جي عدالت ۾ ڏنل بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته کيس هراسان ناهي ڪيو ويو.

ايف آءِ اي لاهور جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف کي هراسان ڪرڻ يا بدتميزي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، کيس وڏي عزت سان آندو ويو، جاچ دوران چانهه پاڻي جي آڇ ڪئي وئي پر هو ڪنهن به سوال جو سنجيده جواب ناهي ڏيندو.

ترجمان موجب شهباز شريف کان سوال اڪائونٽن ۾ اربين رپين جي رقم گڏ ڪرڻ بابت ڪيو ويو پر هن جواب ڏنو ته مان ميٽرو بس ۽ اورنج لائن ٽرين هلائي، پڇيو ويو ته ملازمن اربين رپيا توهان جي ۽ فيملي جي اڪائونٽن ۾ جمع ڪرايا ته چئي ٿو مان پنجاب جي وڏي خدمت ڪئي.

ترجمان چيو ته شهباز شريف کان گاڏين ۽ پراپرٽي بابت پڇيو ويو ته هن چيو ان جو جواب ٻارن کان پڇو، ٻاهرين ملڪ موڪليل اربين رپين جي رقم بابت چئي ٿو ته منهنجو وڪيل جواب ڏيندو، اهڙا جواب ڏئي ٿو ۽ چئي ٿو ته سوال جواب ظاهر نه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.