زلزلي سٽيل علائقن جي نئين سر اڏاوت جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل اداري کي زلزلي سٽيل علائقن جي نئين سر اڏاوت جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ زلزلي سٽيلن جي بحالي لاءِ اداري ايرا جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ زلزلي سٽيل علائقن جي نئين سر اڏاوت ۽ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته نيو بالاڪوٽ سٽي جي اڏاوت بابت به بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ رٿابندي بابت وزير اسد عمر، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ ٻين اختيارين به شرڪت ڪئي ۽ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2006 کان هيل تائين ايرا پنهنجي 14 هزار 714 منصوبن تي 75 سيڪڙو عمل ڪري ورتو آهي، ايرا طرفان 14 سيڪڙو ترقياتي منصوبا اڃا تائين تعمير هيٺ آهن، انهن ۾ خيبر پختونخواهه جا 885 ۽ آزاد ڪشمير جا 1214 منصوبا شامل آهن.

وزيراعظم هدايت ڪئي ته زلزلي سٽيل علائقن جي نئين سر اڏاوت جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.