حيدرآباد: کپرو کان عمر ڪوٽ تائين روڊ جي تعمير نه ٿيڻ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

روڊ ايڪشن ڪميٽي، سجاڳ نوجوان اتحاد، ميگهواڙ يوٿ فورم، اڇڙو ٿر يوٿ فورم پاران کپرو کان عمر ڪوٽ تائين روڊ جي تعمير نه ٿيڻ خلاف اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو،  ذوالفقار مري، يوٿ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگرو، سنيل ڪمار، وڪيل خان محمد راڄڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظآهري ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته کپرو کان عمرڪوٽ تائين 80 ڪلو ميٽر روڊ بلڪل زبون حال ٿي ويو آهي روڊن جي زبون حالي جي ڪري روز حادثا معمول بڻيل آهن، هن روڊ سان لاڳاپيل عوام وڏين تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي، روڊ هنڌان هنڌان ٽٽڻ ڪري ٽيڪسي ڪارن، رڪشائن ۽ ٽريڪٽرن جي مالڪن کي وڏو مالي نقصان برداشت ڪرڻو ٿو پوي. هنن چيو ته کپري کان عمرڪوٽ تائين ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري چڪا آهيون پر ٻنهي ضلعن جي چونڊيل نمائندن اڃا تائين ڪو نوٽيس ناهي ورتو. هنن کپري ۽ عمرڪوٽ جي چونڊيل نمائندن کي چتاءُ ڏنو ته سندن احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ويو ته ٻئي مرحلي ۾ علامتي جنازا ڪڍيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.