ڌاٻيجي: ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ پائيپ لائين ڦاٽي پئي،لکين گيلن پاڻي ضايع

ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي سپلائي ڪندڙ ڌاٻيجي واٽر بورڊ تي  اوچتو ڊگهو  بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيڻ سبب 72انچ جي پنج نمبر لائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن سبب چار پمپ بند ٿي ويا ، جنهن ڪري ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سپلائي معطل  ٿي وئي، ذريعن موجب  مقامي انتظاميا پاران ناقص ميٽريل لڳائي ڪم مڪمل ڪيو ويندو آھي جنهن ڪري هر مهيني ۾ 2 کان 4 ڀيرا  لائن ڦاٽڻ معمول بڻجي چڪي آھي ، لائن ڦاٽڻ سبب لکين گيلن پاڻي آبادي وارن علائقن ۾ ڪاهي پوي ٿو جنهن سبب علائقي واسين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ سان گڏو گڏ شھر ڏانهن اچ وڃ ۾ سخت پريشاني ٿئي ٿي، لائن ڦاٽڻ سبب سبب سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿئي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.