ڪراچي: سنڌ ۾ سڀني راندين کي هٿي وٺرائڻ اسان جو مقصد آھي: بنگل خان مهر

وڏي وزير جي خاص مددگار سردارزادہ بنگل خان مھر چيو آھي تہ سنڌ ۾ سڀني راندين کي هٿي وٺرائڻ ئي سندس مقصد آھي .اسپورٽس ڊپارٽمينٽ جي ڪيل دوري ۽ سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن سان ٿيل گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سنڌ گيمز جون سڀيئي تياريون مڪمل ھيون پر ڪووڊ 19 سبب سنڌ گيمز نه ٿي سگھيون جيڪي حالتون بھتر ٿيڻ کان پوءِ ڪرايون وينديون، بنگل خان مھر جو چوڻ ھو ته ھلندڙ سال سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس جو رھيل ڪم مڪمل ٿيندو ۽ نوان اسپورٽس ڪامپليڪس توڙي گرائونڊ پڻ تيار ڪرايا ويندا ، ان موقعي تي سنڌ اولمپڪس جي صدر ۽ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مھر جو چوڻ ھو ته سنڌ اندر اولمپڪس راندين ۾ شامل سڀيئي رانديون کيڏيون وڃن ٿيون ، رٽائرڊ رانديگرن لاء ڪو وظيفو مقرر ڪرڻ جي پڻ  راءِ ڏجي ٿي، ان موقعي تي اسپورٽس ۽ يوٿ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري سيد امتياز علي شاھ جو چوڻ ھو ته راندين کي هٿي وٺرائڻ لاء پوري سنڌ ۾ اسپورٽس ڪامپليڪسز ۽ يوٿ ھاسٽلز تي رڪارڊ ڪم ٿيو آھي ، سنڌ اولمپڪس جي سيڪريٽري احمد علي راجپوت ۽ ٻين پڻ سنڌ ۾ راندين جي بھتري لاء اسپورٽس ڊپارٽمينٽ جي ڪم کي ساراھيو ۽ پنھنجيون تجويزون پيش ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.