قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سڀاڻي لاڙڪاڻي ۾گڏ ٿي آواز اٿاربو: نيازڪالاڻي

جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آھي ته 6 جون تي بحريا ٽائون اڳيان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پرامن احتجاج ڪندڙ 250 کان وڌيڪ پرامن قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مٿن دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گھر تي چڙھائي ڪري کيس گرفتار ڪرڻ بعد سموري سنڌ ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جسقم ھائوس ميروخان تي پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته  اسين سمجھون ٿا ته حڪمران اھو چاھين ٿا ته قومي تحريڪ سان لاڳاپيل يا عام سنڌي ماڻھو سنڌ جي مسئلن کان لاتعلق ٿي ڪري گھرن اندر خاموش ويھي رھن ،اسان ائين ٿيڻ ڪون ڏينداسين ،بحريا ٽائون خلاف ۽ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سائين زين شاھ سميت گرفتار سمورن قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء سڀاڻي 11 جولاء تي آچر جي ڏينھن صبح جو 11 وڳي ھوشو پارڪ لاڙڪاڻو ۾ گڏ ٿي ڪري اسان سموري دنيا کي ٻڌائينداسين ته بحريا ٽائون نامنظور آهي، هن چيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سائين زين شاھ سميت قومي ڪارڪنن مٿان حڪومت جيڪي دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا آھن اهي فوري ختم ڪري گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي جيڪڏھن مطالبن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته اسين سنڌ ۾ ھڪ اھڙي احتجاجي تحريڪ کي جنم ڏينداسين، ان موقعي تي جسقم سينيئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ پنھل ساريو الطاف احمد سومرو صوبدار جتوئي محمد شعبان چنو ۽ ٻيا موجود ھئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.