ملڪ ۾ ڪورونا وبا وري زور وٺڻ لڳي، هاڪاري ڪيس 3.79 سيڪڙو رڪارڊ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 35 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 18 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1828 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.79 تي پهچي وئي آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 35 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 22 هزار 555 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ 9 لک 71 هزار 304 آهي، جن مان 9 لک 12 هزار 295 صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 36 هزار 454 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.