اڏيري لال لڳ ٻٽو قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

اوڏيرولال(ن ع آ) اوڏيرولال اسٽيشن ۾ ٻٽو قتل معاملو قتل ۾ نامزد رهيل ٻه مک جوابدار گرفتار . خبر موجب اڏيرولال اسٽيشن  ڀرسان ڳوٺ سليمان فقير باريجو ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿي ويل ڀاءُ ڀيڻ وارو معاملو، قتل ڪيس ۾ نامزد 2 رپوش جوابدار گرفتار، ياد رهي ته جوابدار مسمات حرمت ۽ سندس ڀاءُ ارباب باريجو کي ڪجهه ڏينهن اڳ گوليون هڻي قتل ڪيو هو، مقتولن جي ڀاءُ جي فرياد تي ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ جوابدار گرفتار ٿيو هو باقي رپورش ٻن جوابدارن سائين بخش باريچو ۽ بشير عرف پاڏو باريچو کي اوڏيرولال اسٽيشن پوليس پير جي ماڙي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.