احمدپور جي اسڪول مان چوري، 5 جوابدار گرفتار

احمدپور (رپورٽ نديم راجا ميتلو ) احمدپور جي نجي اسڪول مان چوري ٿيل ڇت پکا پوليس واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام، شڪ جي بنياد تي ٻن چوڪيدارن سميت 5 ڄڻا گرفتار، ٻن ڏينهن ۾ چوري واپس نه ٿي ته ڌرڻو هنيو ويندو ذوالفقار دايو .. رپورٽ موجب مجاهد پبلڪ ايليمنٽري اسڪول احمدپور مان 2 ڏينھن اڳ چوري ٿيل ڇت پکا پوليس واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي ٻن چوڪيدارن اڪرم ملاح ، وسيم ملاح سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته نجي اسڪول جي مالڪ ذوالفقار دايو ٻڌايو ته اڳ به اسڪول مان چوريون ٿيون آهن جيڪي پوليس واپس نه ڪرائي سگهي آهي سندس چوڻ هو ته ٻن ڏينهن ۾ چوري واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسڪول جي شاگردن سميت مک چوڪ تي پوليس جي نااهليءَ خلاف ڌرڻو هنيو ويندو. رابطو ڪرڻ تي احمدپور پوليس ٻڌايو ته شڪ جي بنياد تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن جن کان پڇا ڳاڇا ڪيون پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.