چمبڙ لڳ واقعي ۽ حادثي ۾ 2 ڄڻا زخمي

چمبڙ )ن ع آ) چمبڙ مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ ٻه ڄڻا زخمي اسپتال منتقل چمبڙ لڳ ونگي اوٺا ۾  نوجوان گهر جي ڇت کي راڳو ڪندي پير سلپ ٿيڻ سبب ڇت تان ڪري زخمي ٿي پيو ٻئي پاسي چمبڙ لڳ تاج موري واسي 29 ورھين جي انڱاريو ڀيل کي زرعي زمين تي پورهيو ڪندي نانگ ڪکي زخمي ڪري ڇڏيو رپورٽ موجب چمبڙ لڳ ونگي اوٺا واسي 28 سالا  نوجوان نثار پٽ محمد عثمان اوٺو گهر جي ڇت کي راڳو ڪندي اوچتو پير سلپ ٿيڻ سبب ڇت تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ مان ابتدائي طبعي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي چمبڙ لڳ تاج موري وٽ پورهيت 29 ورھين جو انڱاريو ڀيل کي ذرعي زمين تي پورهيو ڪندي نانگ ڪکي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي سندس وارثن رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو جتان وئڪسين ڏيڻ بعد ڊسچارج ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.