محرابپور ٽائون ملازمن کي پگهار نه ملي، پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

محرابپور ( ن ع آ )  ٽائون ڪاميٽي جي فائر برگيڊ تي مقرر ڊائيور الطاف حسين سولنگي پنھنجي پچڙن سان گڏ ويھي پگھار لاءِ گاسليٽجي بوتل کڻي احتجاج ڪيو، ڊرائيور الطاف حسين جو ميڊيا آڏو بيان ڏنو ته مون جي گھر واري بستري تي بيمار پئي آھي، پگھار نه ملي آھي، ڪنھن اسپتال ۾ داخل ڪري سگھان ڊرائيور پاران گاسليٽ جي بوتل ھٿ ۾ کڻي  چتاءُ  ڏيندي چيو ته مون کي پگھار نه ملي ته پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس ھنن چيو ته حڪومت پاران ملندڙ واڌو پگھار وردي الائوس انڪريمينٽ ھر مھيني رلائي رلائي پگھار ڏيڻ  اسان ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن سان ويساگاتي ڪئي پئي وڃي ھنن چيو ته ٽائون ڪاميٽي سدائين بجٽ ملڻ کان پوءِ  به ٽائون ڪاميٽي تباھ  آهي، اسان کي اٽي جي چڪي ۾ پيسيو پيو وڃي،  پگھار نه ملڻ ڪري گھرن ۾ فاڪاڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھيون، پگهارون، انڪريمينٽ، الائونس ۽ هر مهيني ملندڙ پگهار ڏياري وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.