منهڙي ويجهو ڪار سم نالي ۾ڪري پئي، 3 ڄڻا زخمي

منهڙو ( رپورٽ : عرفان علي ڏاهري ) منهڙو ڀرسان جڳسي اسٽاپ وٽ دوڙ – ڦل روڊ تي تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائيندي سم نالي ۾ ڪري پئي جنهن سبب ڪار ۾ سوار هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ عامر اختر ملاح سندس گهر واري ۽ هڪ نينگري شامل آهن جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندن علاج هلندڙ آهي ڪار حادثي ۾ زخمي ٿيل سڪرنڊ جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن جڏهن ته واقعو تازي ٺهيل دوڙ – ڦل روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا هئڻ سبب پيش آيو جڏهن ته تازي ٺهيل روڊ جي ڪم ۾ ٺيڪيدار پاران غير معياري مٽيريل استعمال ڪيو ويو جنهن سبب روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي ويو آهي ته ڪٿي وري روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن جنهن سبب هن روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.