احمد پور ۾گهر کي کاٽ، لکين رپين جي چوري

احمدپور(رپورٽ : نديم راجا ميتلو ) احمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ وريو ڦلپوٽو ۾ ڳوٺاڻي سره الدين ڦلپوٽو جي گهر کي نامعلوم چور کاٽ هڻي گهر مان هڪ تولو سونا زيور، 40 هزار روڪ رقم ۽ ڪپڙن جا جوڙا چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ڳوٺاڻي محمد امين ڦلپوٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نامعلوم چور گهر کي کاٽ هڻي لکين روپين جا سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن اهڙو اطلاع احمدپور پوليس کي بروقت ڏنو آهي پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي آهي جڏهن ته چورين جي آزار سبب راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيون هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.