خيرپور ۾ڳوٺ تي چڙهائي، تشدد، گهرن کي باهه، احتجاج

خيرپور (س ر) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺڙيءَ جي رهواسي ڳوٺاڻن مسمات عزيزان خاتون ، زرينه خاتون رڏ، زهران خاتون، زينت خاتون، سونهن خاتون، فرزانه ، رقيه خاتون، نجمه خاتون رڏ، ارشد علي، شناور ،سجاد علي ، محسن رڏ ۽  ٻين ميڊيا آڏو دانهون ڪندي چيو ته ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ بااثرن جو قانون قائم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ڪوٽڏيجي پوليس بااثر جوابدار علي حسن پنهيار، گلبهار رڏ ،عامر علي، جلال ،قمر الدين ، غلام شبير رڏ ، ساماڻو رڏ سميت 20 نامعلوم هٿياربندن سان گڏجي ڳوٺ مٺري  ڀرسان   پيرسن پورهيت محمد سچل رڏ ،محرم علي، علي مراد ،نياز رڏ جي گهر تي  بنا جواز چڙهائي ڪري عورتن معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو ،جنهن جي نتيجي ۾ مسمات  زرينه خاتون، سونهن خاتون، رقيه رڏ، محمد سچل رڏ سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، هنن چيو ته پرائيوٽ هٿياربندن گهرن کي باهيون ڏنيون جنهن جي نتيجي 100 مڻ کان وڌيڪ ڪڻڪ ۽ قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، اهڙي اطلاع تي ميڊيا واران جي پهچڻ شرط پوليس ۽ هٿياربندن فرار ٿي ويا آهن،  مظاهرين چيو ته علائقي جو بااثر وڏيرو علي حسن پنهيار اسان جي زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن کي روڪڻ تان مخالف ڏمرجي پيا آهن،  ۽ پوليس جي مدد سان زيادتيون ڪري حراسان ڪري رهيا آهن، هنن ٻڌايو ته علي حسن پنهيار جا پوليس ۽ ڏوهارين سان واسطا آهن جنهن ڪري هو اسان کي قتل ڪرائڻ، سخت نتيجا ڀوڳڻ ،ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،  مظاهرين چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.