بغير رنگ نسل جي غريب جي خدمت ڪندو آهيان: سڪندر ڪورائي

مورو ( ن ع آ ) مورو ۾ سماجي اڳواڻ   رئيس سڪندر علي ڪورائي نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سينيئر صحافي علي شير ڏيپر، صحافي رائو تيمور احمد راجپوت، صحافي روشن علي ابڙو صحافي سندي الطاف سومرو سان پنهنجي رهائش گاھ ته عيادت ڪرڻ جي موقعي تي ڳالھه ٻول ڪندي چيو منهنجو ليور جو ڪامياب آپريشن ٿيو منهنجي صحت ۽ مون کي ليور ڊونيٽ ڪرڻ واري منهنجي گھرواري جي طبيت بلڪل ٺهيڪ آهي منهنجي طبيت صحت غريبن ۽ مورو جي شهرين جي ڏنل دعائون جواثر آهي مان عيد جي خوشي جي موقع تي يا ڪو به خوشي جو موقعيو هوندو ته غريبن لاچارن يتيمن ۾ بغير ڪنهن به لالچ جي ذات پات رنگ نسل کان پاسي ٿي انهنن ۾ ڪجھه  شيون ڪپڙا راشن جوتا ۽ مالي مدد ڪندو آهيان

ميهڙ ۾شعيا اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو

 

ميھڙ (ن ع آ) ڪجھ ڏينھن پھرين پنجاب ۾ عبدالرحمن سلفي نالي شخص پاران امام موسي ڪاظم ۽ امام زمانہ مھدي عليه السلام خلاف نازيبا الفاظ ڳالھائڻ واري عمل خلاف شيعا علماء ڪائونسل ، اصغريہ آرگنائيزيشن اي ايس او ، جي ايس او، اي جي اي آء پي سميت ٻين مقامي تنظيمن جي اڳواڻن علامه مجاھد حسين الحسيني علامه عابد علي عرفاني زوار امير علي حيدري محمد اسماعيل مھدوي مولانه عبدالرشيد مھسني ۽ احسان علي اصغريہ جي اڳواڻي ۾ پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي. نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسين ان عمل جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا ۽ گستاخي ڪندڙ پنجاب واسي شخص عبدالرحمن سلفي کي بلفور گرفتار ڪري کيس عبرتناڪ سزا ڏني وڃي اگر ان خلاف ڪاروائي نه ٿي احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

مٺياڻي ۾بدامني، گهر مان چوري

مٺياڻي (ن ع آ) مٺياڻي ٿاڻي جي حد ڀورٽي شهر جي رهواسي چوپائي مال جي واپاري دڪاندار  ارباب علي  گمبول جي گهر جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ پيل 11 لک روڪ رقم چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا چوري جو اطلاع مٺياڻي پوليس کي ڏنو ويو اطلاع ملڻ تي مٺياڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاء واردات ڏسڻ بعد مٺياڻي ٿاڻي تي ارباب گمبول جي فرياد تي نامعلوم چورن خلاف اين سي داخل ڪري ورتي آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.