بدين ۾پوليو مهم بابت ڊي سي جي صدارت ۾گڏجاڻي

بدين (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان جي زير صدارت دربار هال ۾ 2 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاء واري قومي مهم جي انتظامن جي سسلسلي ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي گذري. ڊپٽي ڪمشنر بدين چيوته پوليو کان بچاءُ واري قومي مهم جي ڪاميابي جو دارومدار بهتر ٽيم ورڪ سان آهي. هن چيوته ٻارڙن جو مستقبل محفوظ بنائڻ اسان سڀني جي اهم ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيوته پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي ان ڪري سمورن ادارن کي گهرجي ته هو نيڪ نيتي سان پوليو وائرس خلاف جدوجهد ڪن ته جيئن ملڪ هن خطرناڪ وائرس کان پاڪ ٿي سگهي. هن صحت کاتي کي هدايتون ڏيندي چيوته پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مائڪرو پلان کي وقت سر ٺاهي ۽ انهي تي مڪمل عمل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيوته جيڪڏهن اِي پي آئي پنهنجو ڪم بهتر انداز ۾ ڪري ته اسان کي پوليو کان بچاءُ واري مهم هلائڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. هن چيوته والدين پنهنجن ٻارڙن کي هميشه جي معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ پنهنجن گلن جهڙن ٻارڙن کي پوليو کان بچاء وارا ڦڙا پيارين. گڏجاڻي ۾ روينيو عملدارن سميت ڊاڪٽرن، اِي پي آئي، پي پي ايڇ آئي، اين آئي ڊي ۽ ڊبليو ايڇ او جي نمائندن سميت مختلف اين جي اوز ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

دادو ۾صحت کاتي پاران ڪورونا لاءِ جاڳرتا ريلي

دادو ( ڊر )  صحت کاتي دادو پاران سول اسپتال دادو کان ڪرونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، صحت کاتي دادو پاران سول اسپتال دادو ۾ ڪرونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي، ريلي ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر زاهد ڏاوڇ، سول سرجن ڊاڪٽر پير غلام حسين، پي ايم اي ضلعي صدر ڊاڪٽر امجد مستوئي، ڊاڪٽر احسان پنهور، صداقت علي سومرو، راجا رفيق پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جاڳرتا ريلي سول اسپتال دادو کان ٿيندي شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪيو

ڪنب ٿاڻي جي حد مان هٿياربندن جي پورهيت کان ڦر

ڪنب (ن ع آ) ڪنب ٿاڻي جي حد  ٽالپروڏا ڀرسان نامعلوم هٿيار بندن جي هٿيارن جي زور تي پورهيت کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار، خبر موجب ڪنب ٿاڻي جي حد  ٽالپر وڏا ويجهو  لنڪ روڊ تان نامعلوم ڦورو هٿيارن جي زور تي ڪرائي تي موٽرسائيڪل هلائيندڙ پورهيت علي گل ملاح کي مار ڪٽ ڪري موٽرسائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.