ڊگهڙي ۾ڪار ۽ موٽرسائڪيل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

ڊگهڙي(ن ع آ) ڊگهڙي ڀرسان ڪنگورو شاخ اسٽاپ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار جيلاني پاڙي وارڊ۔1 جو رهواسي 32ورهين جو شادي شده نوجوان احسان علي پٽ بالي خاصخيلي تڏي تي فوت ٿي ويو اطلاع تي ڊگهڙي پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ڊگهڙي پهتي جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ڊگهڙي پوليس ڪار ڊرائيور کي ڪار سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي فوتي نوجوان ڪراچي ۾ سروس پمپ تي مزدوري ڪندو هو ۽ گذريل ڏينهن موڪل تي گهر آيل هو کيس ٽن نياڻين جو اولاد هو پوليس ذريعن موجب حادثو روڊ پار ڪندڙ ٻار کي بچائيندي پيش آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.