ميرپورخاص لڳ نوجوان ڪينال ۾ ٻڏي فوت

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) سخت گرمي کان تنگ ٿي دوستن سان گڏ جمڙائو ۾ وهنجڻ لاءِ ويل نوجوان ٻڏي فوت. تفصيل موجب ميرپورخاص جي علائقي غريب آباد جو رهواسي 18 ورهين جو نوجوان گلشير ڀٽي سخت گرمي کان تنگ ٿي پنهنجن ٻن دوستن سان گڏ ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي واقع اولھ جمڙائو ڪئنال ۾ وھنجڻ دوران  ٻڏي فوت ويو نوجوان جي ٻڏڻ جي اطلاع حد جي پوليس ۽ وارث واقعي واري هند پهچي مقامي ٽوٻن جي مدد سان نوجوان جي لاش جي ڳولاھ شروع ڪئي ويئي آهي پر آخري اطلاعن تائين ٻڏي ويل نوجوان جي لاش هٿ نه اچي سگھي آهي، جڏهن ته جمڙائو ۾ پاڻي جو وهڪرو گھٽايو ويو آهي، واضع رهي ته هر سال گرمين دوران ۽ خاص طور موڪل واري ڏينهن ميرپورخاص جي ايسٽ ويسٽ جمڙائو ۽ 78 موري تي وهنجڻ لاءِ نوجوانن جو وڏو انگ پهچي ٿو ۽ وهنجڻ دوران نوجوانن ۽ ٻارن جي ٻڏڻ وارا واقعا پڻ معمول بڻيل رهن ٿا ان باوجود انتطاميا پاران ڪنهن به قسم جو تحرڪ نه ٿو ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.