ميرپور بٺورو ويجهو روڊ حادثي سبب 2 ڄڻا زخمي

ميرپوربٺورو (ت ر) ميرپوربٺورو واسي نوجوان عادل خواجه ۽ مڪيش واگهيلا بائي پاس روڊ تان وڃي رهيا هئا ته موٽر سائيڪل اڳيان ڪتو اچڻ سبب ٻئي نوجوان ڪري سخت زخمي ٿي پيا جن کي اتان گذرندڙ ايم پي اي سيد شاھ حسين شاه شيرازي پنهنجي گاڏي ۾ تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو، جتان ضروري علاج بعد مڪيش واگهيلا کي سنڌ پيپلز ايمبولينس سروس سول اسپتال ڪراچي ۽ عادل خواجه کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.