مبارڪپور لڳ نينگر پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ٻڏي فوت

مبارڪپور ( ن ع آ ) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ ميرل پراڻو ۾ 10 سالن جو نينگر ميرحسن پٽ گل حسن چانگ گهر ٻاهران گل واھ پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويو جنهن کي مقامي ماڻھن ٻاهر ڪڍي مبارڪپور جي مقامي اسپتال کڻي آيا جتي موجود ڊاڪٽر پاران معصوم نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي معصوم نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا معصوم نينگر جي لاش کي ڳوٺ لڳ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.