ڪنري ۾ناري جو پراسرار موت، ٽن ملازمن تي ڪيس داخل

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) ڪنري ۾ 3 ڏينھن اڳ قتل ڪيل نوجوان ناري جي واقعي جو سندس گھر ۾ ڪم ڪندڙ ٽن ملازمن تي يس داخل، ڪيس ۾ جوابدار ماءُ، پيءُ ۽ پٽ نامزد، ملازمن تي چوري جو پلان جوڙي ناري کي قتل ڪرڻ جا الزام، 2 گرفتار تفصيل موجب ڪنري جي ڳوٺ بابو اقبال آرائين ۾ 3 ڏينھن اڳ نانيءَ جي گھر ۾ قتل ڪيل نوجوان ناري 27 ورھين جي مديحا ڌيءَ راجا سجاد واري معاملي جو ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. مقتولا جي چاچي راجا وحيد جي فرياد تي مقتولا ناري جي نانيءَ جي گھر ۾ ملازمت ڪندڙ عورت رضيا زال وڪيو ڪنڀار، سندس مڙس وڪيو ولد ھاشم ڪنڀار ۽ سندس پٽ بلاول پٽ وڪيو ڪنڀار خلاف ناري جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته مقتولا ناري مديحا سندس نانيءَ وٽ رھندي ھئي. اسان مختلف وقتن تي ساڻس ملاقات ڪرڻ ايندا ھئاسين ۽ ٽه ڏينھن اڳ واقعي واري ڏينھن به ملاقات لاءِ آياسين ۽ اسان ڏٺو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڪھاڙين ۽ ڇرين جا وار ڪري مديحا کي ماري رھيا ۽ اسان جي اچڻ تي جوابدار اسان کي ڪھاڙيون ڏيکاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. فريادي ڪيس ۾ الزام ھنيو آھي ته ڪيس ۾ نامزد عورت رضيه ۽ سندس پٽ بلاول مقتولا جي نانيءَ جي گھر ۾ ملازمت ڪندا ھئا،جنن پاران مديحا ۽ سندس ناني کي قتل ڪري سون ۽ رقم چوري ڪرڻ جو پلان جوڙيو ھو. جنھن تي مديحا کي ماريو آھي. ڪنري پوليس اھڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن رضيا زال وڪيو ۽ سندس پٽ بلاول ڪنڀار کي گرفتار ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.