سرجاڻي ٽائون ۾ ڳوٺاڻن جو لينڊ مافيا خلاف مظاهرو

سرجاڻي ٽائون (رپورٽر) اولهھ ڪراچيء جي منگھوپير واري علائقي ۾ واٽر فلٽر پلانٽ ويجھو قائم اوائلي سنڌي وسندي محمود عالم جي رھواسين پاران لينڊ مافيا جي افغان دھشتگرد ھٿياربندن پاران سندن ڳوٺ مٿان ڪاھ ڪري  عورتن ; ٻارن ; پڪن پوڙھن مٿان تشدد ڪري ھٿيارن جي زور تي سندن گھرن مٿان قبضا ڪري ; کين زوريء بيدخل ڪرڻ خلاف انڊس پريس ڪلب ڪراچيء آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ; ڌرڻو ھنيو ـ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ۾ عورتن ; ٻارڙن ۽ ٻڍن جو وڏو انگ موجود ھئو ; جن جي ھٿ ۾ پلي ڪارڊ ھئا ; جن تي لينڊ مافيا خلاف نعرا لکيل ھئا ـ احتجاچ ڪندڙ لينڊ مافيا جي ھٿياربندن خلاف دانهيو. هنن چيو ته هٿياربندن گهرن تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن تشدد جو نشانو بڻايو، هنن انصاف جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.