ڪوٽڙي ۾نوجوان جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج

ڪوٽڙي (ن ع آ) ڪوٽڙي محبت ديرو واسي نوجوان شاهجھان جي ناحق قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاء چوھاڻ برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشورو پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاجي مظاھري دوران شريڪ ماڻهو زوردار نعريبازي ڪري رهيا هئا، احتجاج جي اڳواڻي اي ڊي چوهاڻ، واحد بخش چوهاڻ، رياض احمد چوھاڻ، نياز چوھاڻ، علي حسن چوھاڻ، محمد پريل چوھاڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا احتجاجي مظاهري ۾ سياسي سماجي آڳواڻ محمد رمضان پنھور، نادر قمبراڻي، عبدالمجيد ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳ محبت ديرو تعلقو ڪنڊيارو ضلعو نوشھرو فيروز جي رھائشي نوجوان شاهجھان چوھاڻ کي  علائقي جي بااثر وڏيري عبدالغفار ڏھراج پنھنجي بنگلي تي گھرائي کيس تشدد جو نشانو بڻائي سڌيون گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري سندس ميھڙ ويجهو ٻيٽو بائي پاس تي لاش اڇلايو ويو، جڏهن ته ثبوت مٽائڻ خاطر نوجوان جو موبائل فون ۽ پيل سڀ سامان ڪڍي گم ڪري چھري تي تيزاب ھاري ڇڏيو 48 ڪلاڪن بعد لاش پوليس کي لاوارث حالت ۾ مليو پوليس جي اطلاع تي وارثن لاش جي سڃاڻپ ڪئي، هنن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل هئڻ باوجود ضلعي نوشهرو فيروز جي پوليس وڏيرن جي ڪمدار بڻيل آهي وڏيرن تي مقتول نوجوان شاهجھان چوھاڻ جي وارثن پاران عبدالغفار ڏھراج ۽ سندس پٽ جان شير ڏھراج اختيار سولنگي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي پر پوليس بااثر وڏيرن کي گرفتار نه پئي ڪري اسان جو مطالبو آهي ته نوجوان شاهجهان جي قاتلن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ آڻي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

قاضي احمد ۾شعيا اڳواڻن جي احتجاجي ريلي

قاضي احمد (ن ع آ) آل رسول اھلبيت جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ تي گستاخ عبدالرحمان سلفي خلاف مرڪزي امام بارگاہ شاہ نجف قاضي احمد ۽ مسجد سھلا امام بارگاهه بقيت الله مان شيعا علماء ڪائونسل تعلقا مجلس وحدت المسلمین اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن تعلقا قاضي احمد پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن مولانا اميرحسين ساجدي زنوار غلام شبير مھر مولانا سيد سجاد حسین شاہ سيد مشتاق شاہ حسيني شير محمد جوکيو جاويد علي راھو م ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاضي احمد جي مسجد سھلا امام بارگاهه بقيت الله مان ڪڍيل احتجاجي مظاهرو ڪندڙن پاران گستاخ اھلبيت ملعونن خلاف نعريبازي ڪئي. پريس ڪلب قاضي احمد آڏو خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ته ملعون عبدالرحمان سلفي پاران اھلبيت دشمني تحت امام سڳورن جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته گستاخ اھلبيت ملعون عبدالرحمان سلفي کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تي پھچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾سخت احتجاج جو سلسلو جاري رھندو. احتجاج م زوار اظھر شاھ آفتاب انڙ، مدثر سولنگي عباس مھر شان مڪراني سميت وڏي انگ م مومنن شرڪت ڪئي.

اڪري چودڳي ۾شعيا اڳواڻن جو احتجاج

اڪري چودڳي (ن ع آ)اڪري ۾ شيعه علماء ڪائونسل, ۽ عزاداري جي تنظيمن پاران اهلبيت عليه السلام جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ  عبدالرحمن سلفي خلاف مذمتي پليڪارڊ کڻي جامع مسجد پنجتني کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي., ريلي جي اڳواڻي مولانا يونس رضواني، حبيب بلادي، ساجد علي شر، قربان علي شر، مولانا نظر حسين بلادي، علي شير شر، زوار مٺل نوراني ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عبدالرحمن سلفي سوچي سمجهي سازش تحت اهلبيت عليه السلام جي شان ۾ گستاخي ڪري مسلم امت وچ ۾ فساد ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا, اهلبيت عليه السلام مسلم توڙي غير مسلم لاء واجب احترام آهن, هرهڪ اهلبيت جي تعظيم ڪري ٿو ۽ هر مسلمان اهلبيت عليه السلام جي عقيدت ۽ مودت کي پنهنجي دين اسلام ۽ ايمان جو جز سمجهي ٿو, حڪومت ۽ قانون نافظ ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته ملڪ اندر فتنو ۽ فساد ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عبدالرحمن سلفي کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.