ٽنڊي غلام حيدر لڳ انتظاميا ڳوٺ خالي ڪرائي ڇڏيو، متاثر دربدر

ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ ڪانڍيرو سولنگي ۾ ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا ٻيهر ڳوٺ کي قبرستان جي سروي زمين ڄاڻائي پوليس جي وڏي نفري ۽ هيوي مشين ذريعي ڳوٺ خالي ڪرائي ڇڏيو،جڏھن ته 2 ڏينهن اڳ ساڳئي ڳوٺاڻن سان هانؤن ڏاريندڙ روڊ حادثو پيش آيو جنهن ۾ ٻن سالن جو معصوم نينگر ذين العابدين سولنگي ۽ سندس ماءُ پيءُ شديد زخمي ٿيا پر انتظاميا ظلم جي انتها ڪندي نينگر جو رکيل پٿر به ڊاهي ڇڏيو،متاثر ڳوٺاڻن جون ٻن ڏينهن جي مهلت وٺڻ لاءِ اڀ ڏاريندڙ دانهون انتظاميا توڙي تڪ جي چونڊيل نمائيندن کي ڪو رحم نه آيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد ٽنڊوغلام حيدر اسسٽنٽ ڪمشنر نثار علي شاھ،مختيارڪار نويد علي سپيو،اينٽي انڪروچمنٽ ايس ايڇ او عبدالجبار پهنور،ٽنڊوغلام حيدر ڊي ايس پي سيد انور حسين شاھ،ايس ايڇ او سيد آصف عباس شاھ،تپيدار صفدر علي پاران فتح باغ ڀرسان حاجي شاھ چئوڪنڊي قبرستان تان قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ هيوي مشين ۽ پوليس جي وڏي نفري پهچي ڪانڍيرو سولنگي ڳوٺ کي کالي ڪرائي ڇڏيو ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻن محمد اشرف سولنگي،ڪانڊيرو ،گل حسن،مختيار سولنگي سميت سوين عورتن ،مردن ۽ معصوم ٻارڙن کلي آسمان دانهندي چيو ته سالن کان اسان جو ڳوٺ آباد آهي انتظاميا اسان غريبن جا اجها ڊاهي بي گهر ڪيو آهي جنهن کانپوءِ معصوم نياڻيون کلي آسمان ويٺل آهن هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان غريبن کي اجها اڏڻ لاءِ پلاٽ ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.