ڄام صاحب ويجهو نوجوان نانگ ڪکڻ سبب فوت

ڄام صاحب (ن ع آ) ڄام صاحب ڀرسان نوجوان کي نانگ ڪکي ورتو نوابشاھ اسپتال ويندي رستي ۾ فوت، ڄام صاحب ڀرسان ديھ 1 جمڙائو ۾ ڳوٺ محمد عيسيٰ ڏاھري جي رهواسي 18 سالن جي پورهيت لياقت ڏاھري کي اوطاق مان ٻنيء لاءِ ڀاڻ کڻڻ وقت نانگ کڪي ورتو، جنهن کي علاج لاءِ نوابشاھ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو، نوجوان جي فوتگي جو اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.