سانگهڙ جو ڊوميسائيل ٺهرائيندڙ ڪي پي ڪي واسي پڪڙجي پيو

سانگهڙ (ڊ ر) سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ڪي پي ڪي صوبي جي شخص ولي محمد جو سانگهڙ ضلعي مان حاصل ڪيل ڊوميسائل رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊي سي آفيس مان جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن مطابق ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا تعليم کاتي جي عملدارن طرفان ڏنل درخواست تي ڪي پي ڪي صوبي سان تعلق رکندڙ شخص ولي محمد ولد حضرت محمد جي سانگهڙ جي ڊوميسائيل جي جاچ ڪئي جنهن دوران ڊپٽي ڪمشنر پشاور کي هڪ خط لکيو آهي جنهن جي جواب ۾ لکيل هو ته ولي محمد پشاور مان پڻ هڪ ڊوميسائيل حاصل ڪيو. نوٽيفڪيشن مطابق آئي بي اي طرفان ارلي چائلڊ ٽيچر ۽ جونيئر اسڪول ٽيچر جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ولي محمد ولد حضرت محمد سانگهڙ مان پڻ هڪ ڊوميسائيل حاصل ڪيو جنهن جي بنياد تي هن صوبي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ نوڪري جي درخواست ڏني. ڊپٽي ڪمشنر مطابق ولي محمد ولد حضرت محمد جو سانگهڙ جو ڊوميسائيل رد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪوڙو ايفيڊيوٽ جمع ڪرائڻ تي سندس خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.