حيدرآباد جي مسجدن ۾ ڪورونا ويڪسين سينٽر قائم

حيدرآباد(رپورٽر) ضلعي انتظاميا حيدرآباد ۾  جي هدايت تي مختيارڪار سٽي ابوبڪرسڌايو پاران تعلقي سٽي جي مختلف مسجدن ۾ ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪري جماعتن جو ويڪسينيشن وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي. مختيارڪار سٽي ابوبڪر سڌايو، قدم گاه مولا علي، درگاه پير سخي عبدالوهاب جيلاني، فيضان مدينا مسجد، لال مسجد، ٽاور مارڪيٽ مسجد سميت ٻين مسجدن ۾ قائم ڪيل ويڪسينيشن سينٽرن جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو. مختيارڪار سٽي، جماعتن کي ماسڪ پائڻ سميت ويڪسئين ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي انتظاميه پاران قائم ڪيل ويڪسينيشن سينٽرن بابت جماعتن ضلعي انتظاميه جي ان عمل کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي مختيارڪار سٽي ابوبڪر سڌايو جماعتن کي ڪرونا بابت احتياطي تدابيرن تي عمل ڪرائڻ لاءِ مسجد ۾ خطاب پڻ ڪيو. مختيارڪار سٽي ابوبڪر سڌايو جو چوڻ هو ته ڪرونا هڪ خطرناڪ وبا آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ ضلعي انتظاميه هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، تعلقي سٽي جي مختلف مسجدن ۾ ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر لالا جعفر جي سهڪار سان ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جتي ويڪسينيشن جو عمل هلندڙ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وبا ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي پر اڃان ڪرونا وبا جو مڪمل خاتمو ناهي ٿي سگهيو، جنهن جو خاتمو ويڪسئين سان ئي ممڪن آهي، شهري ضلعي انتظاميه سان سهڪار ڪري هتي قائم ڪيل ويڪسينيشن سينٽرن تان ويڪسئين ڪرائن ته جيئن هن عالمي وبا کي شڪست ڏئي پاڻ سرخرو ٿي سگهون.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.