سنڌ ۾ ڌارين کي زمين جي وڪري تي پابندي هنئي وڃي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ.ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، علي محمد پرويز، يڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊوڪيٽ سرواڻ جتوئي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ کي نئون اسرائيل ٺاهڻ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. هڪڙي پاسي سنڌ حڪومت سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي افغانين جون لوڌون سنڌ ۾ آڻائي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني سوموٽو ڪيس ۾ ملڪ جي انٽيليجنس ادارن کي اهو واضح حڪم ڏنو ويو هو ته ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ غيرقانوني رهندڙ ماڻهن کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي. سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت توڙي ملڪ جا عسڪري ادارا ڄاڻي ٻجهي هڪ خاص مقصد خاطر سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي تي ڪمل ڪو نه پيا ڪن. تازو ايف آئي اي موجب نادرا چاليھ لک افغانين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا جيڪا ڳالھ نادرا ۽ ايف آئي اي جي ڪارڪردگيءَ، ديانتداريءَ تي ڪيترائي سول اٿاري ٿي. عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته نادرا جي اڳوڻن چيئرمينن ۽ ڪم ڪندڙ رٽائرڊ فوجي آفيسر، ريجنل هيڊڪوارٽرن جي سربراهن کي گرفتار ڪري کين سخت عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ۽ نادرا جي اداري ۾ ڪرپشن جي جانچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ دشمني وارو ڪردار نڀائي رهي آهي جنهن سبب سنڌ ۾ روزاني لکين افغاني اچي رهيا آهن. اڳواڻن چيو ته سنڌ قوم سميت ملڪ ۾ رهندڙ ٻين قومن جو وجود ۾ خطري ۾ آهي. قومن جي وجود ۽ سندن تاريخي وطن بچائيڻ لاءِ ضروري آهي ته فورن سخت قانوني سازي ڪري صوبن کي پنهنجون زمينون پنهنجي صوبي جي اصل ماڻهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کپائڻ تي پابندي مڙهي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.