ٽنڊي باگي ويجهو اسڪول 4 سالن کان بند، احتجاج

ٽنڊو باگو (ن ع آ) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ محمد اسحاق دل جي پرائمري اسڪول گذريل چار سالن کان بند سوين شاگرد تعليم کان محروم  ڳوٺاڻن جو اسڪول لا۽ استاد ڏيڻ لا۽ مظاھرو خبر موجب   ڳوٺ محمد اسحاق دل جي پرائمري اسڪول جيڪا استاد جي بدلي ٿيڻ ڪري گزريل چار سالن کان بند ٿيڻ ڪري اسڪول ۾ پڙھندڙ سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم بڻيل آھن استاد جي مقرري ن ٿيڻ ڪري چار سال کان اسڪول بند آھي ڳوٺاڻن پاران مظاھرو ڪندي زين العابدين دل نيڪ محمد دل ۽ ولي محد دل چيو ته اسان  بار بار تعليم کاتي جي آفيسرن کي لکت ۾ ۽ دانھون ڏيڻ جي باوجود اسان کي اسڪول لا۽ تعليم کاتو اسڪول نٿو ڏي ھنن سنڌ  حڪومت ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کان  گھر ڪئي ته  اسڪول تي استاد جي مقرري ڪري اسڪول کولرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.