گولاڙچي ۾پاڻي کوٽ خلاف جي يو آءِ جو احتجاج

گولاڙچي (رپورٽ : عيدن زندپور ) گولاڙچي ۾ پاڻي شديد کوٽ برقرار کورواھ ۾ پاڻي کوٽ خلاف جمعيت علماء اسلام طرفان احتجاج  مولانا فتح محمد مھيري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. خبر موجب گولاڙچي ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي ٻئي طرف ساريال فصل لاءِ آبادگارن پنهنجون زمينون کيڙائي ڇڏيون، تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب مختلف علائقن ۾ پوکيل سارين جي ٻيجاري کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ان صورتحال سبب جميعت علماء اسلام ٺران کورواهه ۾ ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري مولانا فتح محمد مهيري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي مولانا فتح محمد مهيري چيو ته آبادگارن سارين جو ٻيجارو پوکي ڇڏيو آھي پاڻي جي کوٽ سبب ٻيجارو سڪي سڙي تباھ ٿي رھيو آھي جنھن سان آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رھيو آھي.ھن چيو تـ چئن ڏينھن اندر واھن ۽ شاخن ۾ پوڇڙ تائين پاڻي نـ پھچايو ويو تـ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.